”ڪو به سنڌ کي پاڪستان کان ڌار نه ٿو ڪري سگهي“، وڏي وزير جو راج ناٿ سنگهه جي بيان تي سخت ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ بابت بيان تي ڀارتي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه کي سخت جواب ڏنو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد علي شاهه چيو ته ڀارت کي بدترين شڪست ڏياريندڙ بچاءَ واري وزير جي بيان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.
هن چيو ته راج ناٿ سنگهه جون گِدڙ ڀڀڪيون ڪڏهن به ڪامياب نه ٿينديون،هو نوَ مئي واري ڪارروائي کانپوءِ بوکلائجي ويو آهي.
وڏي وزير چيو ته سنڌو درياهه جو هر قيمت تي تحفظ ڪنداسين، اسان جون فورسون ڀارت کي جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن.
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نه ڪو سنڌ کي پاڪستان کان ڌار ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي جاگرافي تبديل ڪري سگهجي ٿي، سنڌ متحد آهي ۽ پاڪستان سان گڏ رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.