راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ اڄ سريلنڪا آخري ميچ ۾ اسٽار بيٽر بابر اعظم کي آرام ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، بابر اعظم کيڏائڻ جي صورت ۾ حسن نواز پنجين نمبر تي بيٽنگ ڪندو، جڏهن ته ڪپتان سلمان علي آغا ون ڊائون پوزيشن تي کيڏندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄوڪي ميچ ۾ فاسٽ بالر شاهين شاهه ۽ نسيم شاهه جي واپسيءَ جو به امڪان آهي، جڏهن ته وسيم جونيئر ۽ سلمان مرزا کي ويهارڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي آخري رائونڊ ميچ اڄ شام 6 وڳي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
You might also like