پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ هلندڙ سال مختلف ڪارروائين ۾ مجموعي طور 955 دهشتگرد ماريا ويا.
خيبر پختونخواهه پوليس هلندڙ سال دوران صوبي ۾ مارجي ويل دهشتگردن جي ڊيٽا گڏ ڪري ورتي.
سينٽرل پوليس آفيس موجب هلندڙ سال مختلف ڪارروائين ۾ مجموعي طور تي 955 دهشتگردن کي ماريو ويو، پوليس ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ مختلف آپريشنز دوران 423 دهشتگردن کي ماريو، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز 532 دهشتگردن کي ٺڪاڻي لڳايو.
ڪارروائين دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ڪيو ويو.
سينٽرل پوليس آفيس موجب آپريشنز ۾ 33 اهم دهشتگرد ڪمانڊر به ماريا ويا، مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو وزيرستان، بنون، ڊيرا اسماعيل خان، مردان، خيبر، ڪوهاٽ سميت مختلف ضلعن سان هو.
رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ دهشتگرد بنون، ڊي آءِ خان، خيبر، اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ماريا ويا، ڪرم، اورڪزئي، مالاڪنڊ ۾ به اهم ڪمانڊرن سميت ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا.
You might also like