اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو آهي ته اسان مٿان بابا نظام الدين جو دٻاءُ آهي،اسان کي نظام هلائڻو آهي،نين ترميمن تي مان شفاف تبصرو نٿو ڪري سگهان،هڪ نجي ٽي وي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مان واضح موقف رکيو ته اهو ڪنهن کي هضم نه ٿيندو،اسان مٿان به ميڊيا وانگر پابنديون آهن،اسان جا چپ به آزاد ناهن،اسان ڳالهائي نه پيا سگهون،توهان منهنجي حڪومت سان ويڙهه نه ڪرايو،فيئر تبصرو مان ڪري نٿو سگهان،غيرشفاف تبصرو توهان مون ڪرايو نه