مهانگائي بابت نوازشريف جي دعويٰ غلط، بيروزگاري ۽ قرض وٺڻ جي شرح بلند ترين

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سوشل ميڊيا تي نوازشريف جي تازي بيان کانپوءِ بحث ڇڙي پيو آهي،هڪ صارف احمد وڙائچ لکيو ته نوازشريف هتي غلط چئي رهيو آهي، 39 سيڪڙو مهانگائي جي شرح مئي 2023 ۾ وڌي هئي، تڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ويندي هڪ سال کان وڌيڪ ٿي چڪو هو. شهباز شريف ان وقت قائد جي مشورن سان حڪومت هلائي رهيو هو،صحافي اجمل جامي چيو ته نوازشريف ڪنهن کان حساب گهري رهيو آهي؟حڪومت ته ن ليگ جي آهي،بس بسم الله ڪري،صحافي عمر چيما چيو ته جلد ئي نوازشريف موجوده سيٽ اپ جي باري ۾ به بيان جاري ڪندو،صحافي زاهد گشڪوري چيو ته شهبازشريف جي حڪومت جو سرڪاري قرضن ۾ روزانو 25 ارب رپين جو اضافو ڳڻتي جوڳو آهي،سرڪاري انگ اکرن موجب 2025 دوران ڪل سرڪاري قرض ۾ 9.3 ٽريلين رپين جو اضافو ٿيو،ٻئي پاسي بيروزگاري به 21 سالن ۾ بلندترين شرح تي وڃي پهتي آهي،ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار مزمل اسلم چيو ته ڪنهن ميان صاحب کي غلط آگاهي ڏني آهي،عمران خان جي جنهن ڏينهن حڪومت ختم ٿي مهانگائي 12 سيڪڙو هئي ۽ شهبازشريف جي پهرين مدي ۾ مهانگائي 39 سيڪڙو تائين وئي،پي ٽي آءِ اڳواڻ تيمور سليم جهڳڙا چيو ته بيروزگاري شرح تي نه ڳالهايو،هائبرڊ نظام پيڪا ايڪٽ لاڳو ڪري جيلن ۾ وجهي ڇڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.