ڪارونجهر جي ڪٽائي وارو معاملو، سنڌ حڪومت جي آئيني عدالت ۾ اپيل تي ٻڌڻي ملتوي، وڪيلن جو احتجاج

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪارونجھر جبلن جي ڪٽائي وارو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر اُڀري سامهون آيو آهي، هڪ پاسي صوبائي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي ڪراچي کان ڪارونجھر تائين ان خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته گذريل سال سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجھر جبلن جي سلسلي کي ورثو قرار ڏنو هو.
ان کان اڳ سنڌ حڪومت رڳو جبل جي 16 سيڪڙو حصي کي قومي ورثو قرار ڏئي باقي ڪٽائي جائز قرار ڏني هئي.
ياد رهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ ڪارونجھر کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو هو، جنهن کانپوءِ سنڌ ڪابينا جي هڪ اجلاس دوران اعلان ڪيو ويو ته ڪارونجھر جي 21 هزار ايڪڙ رقبي کي محفوظ ورثو قرار ڏنو پيو وڃي، ان باوجود وڪيلن ان سرڪاري فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ۽ عدالت سڄي جابلو سلسلي کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو.
27هين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ آئيني عدالتن جي قيام کانپوءِ سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي اسلام آباد ۾ آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪيو، جتي اربع ڏينهن جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت جي وڪيل مهلت گهري جنهن کانپوءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.
ان ڪيس ۾ سنڌ حڪومت جي طرفان بئريسٽر صلاح الدين پيروي ڪري رهيو هو، پر ڪجهه ڏينهن اڳ هن ڪيس وڙهڻ تان هٿ کڻي ورتو هو.
ٻئي پاسي ڪراچي بار جي طرفان ڪارونجھر جابلو سلسلي جي ڪٽائي خلاف وڪيلن وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪيو، پر کين رستي ۾ ئي روڪيو ويو.
احتجاج جي قيادت ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ ڪري رهيو هو، جنهن جو چوڻ هو ته هو وڏي وزير کي يادداشت نامو ڏيڻ چاهيون ٿا ته سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف جيڪا اپيل داخل ڪئي آهي، ان تان هٿ کڻي وڃي.
ياد رهي ته پاڪ فوج جي انتظام هيٺ سيڙپڪارن لاءِ قائم اداري ” ايس آءِ ايف سي“ ڪارونجھر جابلو سلسلي مان گرينائيٽ حاصل ڪرڻ وارو منصوبوپڻ شامل آهي، جنهن لاءِ مقامي ۽ عالمي ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي آهي.
ڪارونجھر مان گرينائيٽ جي هڪ لِيز ايف ڊبليو او وٽ پڻ هئي، پر مقامي عدالت ان اداري کي ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو.
هوڏانهن ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف نگرپارڪر شهر ۾ الهرکيو کوسي جي اڳواڻي ۾ به احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.