اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا نازش جهانگير هڪ مداح جي سوال تي اهڙو واضح ۽ غير روايتي جواب ڏنو جنهن بابر اعظم جي مداحن سميت سوشل ميڊيا واهپيدارن کي به دنگ ڪري ڇڏيو.
نازش جهانگير کان انسٽاگرام تي هڪ غير رسمي سوال جواب واري سيشن دوران هڪ واهپيدار پڇيو ته جيڪڏهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار بيٽر بابر اعظم کيس شاديءَ جي آڇ ڪري ته هوءِ ڪهڙو جواب ڏيندي؟
جنهن تي اداڪارا سڌو ۽ واضح جواب ڏيندي چيو ته ” مان معذرت ڪنديس.“
نازش جو بي باڪ ردعمل سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويوآهي، ڪجهه واهپيدارن اداڪارا جي خود اعتمادي ۽ سادگي کي ساراهيو، جڏهن ته ڪجهه ان صورتحال کي خوشگوار ۽ مزاحيه قرار ڏئي رهيا آهن.
You might also like