لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پسند جو پرڻو ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڇوڪريءَ جي ڦري وڃڻ تان سندس مبينا مڙس مٿان 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس راجا غضنفر علي خان شھري شعيب ظفر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار چيو ته 6 جون 2025 تي هن فريده بي بي سان پسند جي شادي ڪئي، پر ڇوڪري جي والدين زبردستي کيس پاڻ وٽ رهايون پيا آهن.
جسٽس غضنفر علي خان چيو ته جيڪڏهن ڇوڪري توهان جي حق ۾ بيان نه ڏنو ته مان 50 هزار رپيا ڏنڊ لڳائيندس.
ٻڌڻي دوران ڇوڪري والدين سان وڃڻ جو بيان ڏنو، جنهن تي عدالت نوجوان مٿان 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو.
عدالت حڪم ڏنو ته ڏنڊ ادا نه ٿيڻ تائين درخواستگذار پوليس جي حراست ۾ رهندو.
You might also like