طلاق سان گڏ پنجاهه ڪروڙ معاوضو ۽ ماهوار ڏک لک رپيا خرچ جو مطالبو، سلينا جيٽلي مڙس خلاف عدالت پهچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي مس انڊيا سيلينا جيٽلي پنهنجي مڙس پيٽر هاگ خلاف گهريلو تشدد جي شڪايت داخل ڪري ڇڏي.
بالي ووڊ اداڪارا سيلينا جيٽلي پنهنجي مڙس پيٽر هاگ خلاف هڪ مقامي عدالت ۾ شڪايت داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن مٿس شديد جذباتي، جسماني، جنسي ۽ زباني تشدد جا الزام لڳايا آهن.
درخواست جي ٻڌڻي اڱاري ڏينهن جڊيشل مجسٽريٽ ايس سي تاڊي جي روبرو ٿي، جنهن پيٽر هاگ کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪرنجوالا اينڊ ڪمپني طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ سيلينا جيٽلي چيو آهي ته شادي کانپوءِ سندس مڙس مٿس ڪم ڪرڻ تي پابندي لڳائي، مبينا طور تي مسلسل بدسلوڪي ۽ تشدد جو نشانو بڻايو.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽر هاگ جو رويو جارحاڻو آهي ۽ هن کي شراب نوشي جي عادت آهي، جنهن سبب سيلينا شديد ذهني اذيت جو شڪار رهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته تشدد جي ڪيئي واقعن کانپوءِ سيلينا جيٽلي کي آسٽريا ۾ پنهنجو گهر ڇڏي ڀارت واپس اچڻو پيو.
واضح رهي ته ٻنهي 2010 ۾ شادي ڪئي هئي ۽ جوڙي کي ٽن ٻارن جو اولاد پڻ آهي، جيڪي هن وقت پيٽر هاگ سان گڏ آسٽريا ۾ رهن ٿا.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽر هاگ هلندڙ سال آگسٽ ۾ آسٽريا جي عدالت ۾ طلاق جي درخواست داخل ڪئي هئي. سيلينا جيٽلي پنهنجي درخواست ۾ 50 ڪروڙ رپيا معاوضي ۽ 10 لک رپيا ماهوار خرچ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته هن پنهنجي ٻارن تائين رسائي جا حق پڻ گهرايا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.