هاڻ ڪير نه بچندو! ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل سوارن لاءِ نئون شرط لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٽريفڪ قانونن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ موٽر سائيڪل سوارن کانپوءِ هاڻ پويان ويٺل ماڻهن تي به سخت نگراني شروع ڪئي وئي آهي.
ٽريفڪ پوليس جي پڌرائيءَ موجب جيڪڏهن موٽر سائيڪل تي ويٺل پوئين سواري هيلمٽ نه پاتو ته ان تي به اي چالان جاري ڪيو ويندو.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي پير محمد شاهه واضح ڪيو ته موٽر سائيڪل تي ويٺل ٻنهي ماڻهن لاءِ هيلمٽ پائڻ لازمي آهي، ڀڃڪڙي جي صورت ۾ اي چالان ٿيندو.
آن لائن رائيڊرز کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي واڌو هيلمٽ ضرور رکن، ٻي صورت ۾ انهن خلاف به ڪارروائي ٿيندي.
ڊي آءِ جي ٽريفڪ موجب هيلمٽ جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ 500 رپيا نه پر 5 هزار رپيا هوندو.
ٽريفڪ اختيارين شهرين کي محفوظ سفر لاءِ لازمي طور هيلمٽ استعمال ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.