ايشوريا راءِ ٻن ٽن مهينن اندر پاڻ مون ڏانهن شاديءَ جو نياپو اُماڻيندي: مفتي قوي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مذهبي عالم مفتي عبدالقوي جي هڪ ويڊيو سوشل ميڊيا تي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ هو بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي سونهن راڻي( مس يونيورس) ايشوريا راءِ سان شادي ڪرڻ بابت بيان ڏيندي نظر اچي رهيو آهي.
وائرل ويڊيو ۾ مفتي عبدالقوي دعويٰ ڪئي آهي ته ”ايشوريا راءِ ۽ سندس مڙس اڀيشيڪ بچن جي هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ٻن کان چئن مهينن اندر ايشوريا راءِ جي طرفان مون لاءِ شاديءَ جو پيغام اچي ويندو.“
ميزبان جڏهن کائنس پڇيو ته هڪ غير مسلم عورت سان شادي ڪيئن ممڪن آهي، ته مفتي قوي راکي ساونت جي مذهب جي تبديلي وارو مثال ڏيندي چيو ته هاڻي هن جو نالو فاطمه آهي، اهڙيءَ ريت ايشوريا راءِ کي به پهرين مسلمان ڪندس ۽ ان جو نالو عائشه راءِ رکندس.
واضح رهي ته انهيءَ کان اڳ به مفتي عبدالقوي بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت کي شادي جي آڇ ڪئي هئي، جنهن تي راکي ساونت ردعمل ڏيندي چيو هو ته مفتي قوي کي برداشت ڪرڻ سولو ناهي ۽ هو گهڻو مختلف آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.