ڪراچي (پ ر) علماءَ يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ شاندار ساليانو جاب فيئر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، استادن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ڪورنگي ڪريڪ روڊ تي قائم علماءَ يونيورسٽي جي مک ڪيمپس ۾ جاب فيئر منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف وڏن ادارن، ڪمپنين پاران پنهنجا اسٽال لڳايا ويا.
يونيورسٽي انتظاميا پاران منعقد ڪيل ان ميلي ۾ مختلف شعبن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ڀرپور دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته ماهرن پبلڪ پرائيويٽ سيڪٽرز ۾ روزگار جي موقعن بابت کين معلومات فراهم ڪئي.
ان موقعي تي ڳالهائيندي هيڊ آف فنانس فريد احمد خان، رائو نعيم، هيڊ آف ڪيمپس مصطفي’ رزاق، هيڊ آف اسٽوڊنٽس افيئرز وجاهت الله، هيڊ آف ڪميونيڪيشنز سر اويس، مئنيجر اڪائونٽس مس حنيفا، مس اسماء سميت يونيورسٽي جي استادن چيو ته علماءَ يونيورسٽي طرفان هر سال جاب فيئر منعقد ڪرائڻ جو مقصد شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ روزگار جي بهترين موقعن بابت معلومات ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ آهي.
سندن چوڻ هو ته علماءَ يونيورسٽي طرفان پنهنجي شاگردن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ سميت هر موڙ تي گهربل رهنمائي فراهم ڪرڻ اداري جي مقصدن مان هڪ اهم مقصد آهي، جنهن جو تسلسل هميشه برقرار رکيو ويندو.
ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته جاب فيئر منعقد ڪرڻ سان کين ڪيريئر ٺاهڻ جي حوالي سان روشن راهون نظر اينديون آهن، اهڙن پروگرامن سان سندن حوصلو وڌي ٿو ۽ مارڪيٽ ۾ موجود روزگار جي ذريعن بابت مناسب معلومات به ملي وڃي ٿي.
You might also like