حيدرآباد(رپورٽر) آل سنڌ لائيرز ايڪشن ڪميٽي ۽ حيدرآباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سنڌ سرڪار پاران ڪارونجهر جي معاملي تي اپيل داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته سنڌ جا ماڻهو ڪارونجهر جي حوالي سان ڪو به ناڪاري فيصلو قبول نه ڪندا، آل سنڌ لائرز ايڪشن ڪميٽي ۽ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري اسرار حسين چانگ ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ کي هڪ خط لکي واضح ڪيو آهي ته اوهان جي حڪومت پاران ڪارونجهر جي معاملي تي وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل ڪيل اپيل وارو عمل مذمت جوڳو آهي جنهن جو مقصد ڪارونجھر جبل کي ليز تي ڏيڻ آهي. ڪارونجهر رڳو پٿرن جو ڍير ناهي پر اهو جبل سنڌ جي روح تاريخ عقيدت ۽ فطري ورثي جو زنده اظهار آهي. ڪارونجھر کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ سنڌ جي روح کي زخمي ڪرڻ جي برابر آهي هي جبل صدين کان صوفين، سنتن، شاعرن، مسافرن ۽ مقامي برادرين جي عقيدت جو مرڪز رهيو آهي. هن جون چوٽيون دعائن جون شاهد آهن ان جي خاموشي عبادت ۽ ان جي هوا سنڌ جي تاريخ جو ساھ بڻيل آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته اوهان جي حڪومت جو هي قدم رڳو آئيني اصولن جي ڀڃڪڙي ئي ناهي پر ڪيترن ئي بين الاقوامي معاهدن جي پڻ ڀڃڪڙي آهي جن ۾ شامل آهن جن ۾ يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ورثي وارو ڪنوينشن، حياتياتي تنوع جو ڪنوينشن گڏيل قومن جي مقامي قومن جي حقن بابت پڌرنامو ۽ پيرس ماحولياتي معاهدو شامل آهن، خط مطابق 27 هين آئيني ترميم ذريعي قائم ڪيل وفاقي آئيني عدالت صوبي جي خودمختياري تي سڌو سنئون حملو آهي، هي ترميم وفاقي بالادستي مڙهڻ جو جواز بڻجي رهي آهي جنهن جو مقصد سنڌ جي زمين، وسيلن ۽ ثقافت تي قبضي کي آئيني تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. ايس آءِ ايف سي ذريعي سنڌ جون زمينون اڳ ئي ڪارپوريٽ ادارن حوالي ڪيون ويون آهن. گرين انيشيٽو ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالن هيٺ ٿيندڙ معاملا سنڌ جي هارين، مقامي برادرين ۽ فطري توازن جي کليل ڀڃڪڙي آهن۔ خط ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سنڌ کي ٻيو فلسطين بڻجڻ نه ڏنو ويندو۔ اسين پنهنجي زمين کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ نه ڏينداسين نه پنهنجو ورثو نيلام ٿيڻ ڏينداسين ۽ نه ئي وري پنهنجي خودمختياري کي قانوني چالاڪين حوالي ٿيڻ ڏينداسين. هر گهٽي، هر چوڪ ۽ هر جبل تي سنڌ جي خودمختياري جو جهنڊو لهرائينداسين خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته مطالبو ڪريون ٿا ڪارونجهر خلاف داخل ڪيل اپيل فوري طور واپس ورتي وڃي۔ ڪارونجهر کي مستقل ثقافتي ۽ ماحولياتي ورثو قرار ڏنو وڃي ايس آءِ ايف سي تحت سڀني زمينن جون منتقليون رد ڪيون وڃن.
ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران سڀاڻي سي ايم ھائوس تائين مارچ جو اعلان
مٺي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ھاءِ ڪورٽ کان سي ايم ھائوس تائين مارچ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڀاڻي 26 نومبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي کان سي ايم هائوس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ حڪومت کي وفاقي آئيني عدالت مان ڪيس واپس وٺڻ ۽ ڪارونجهر کي محفوظ ڪرڻ وارو چارٽر آف ڊمانڊس پيش ڪيو ويندو،
ڪارونجهر بابت سنڌ حڪومت جي وڪيل پاران پوئواري کان انڪار
مٺي(رپورٽ: غازي بجير) سنڌ حڪومت پاران ڪارونجھر کي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ بعد مقرر ڪيل وڪيل وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو،سنڌ حڪومت پاران ڪارونجهر ڪيس کي آئيني عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ بعد حڪومت پاران مقرر ڪيل وڪيل صلاح الدين پنهنجو وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو،ھن چيو آھي ته آئون هن ڪيس ۾ وڪيل ٿيڻ نٿو چاهيان توهان متبادل جو بندوبست ڪيو. سينيئر صحافي سهيل ميمڻ چيو آھي ته ٻين کي ڇڏيو , جڏهن توهان پاڻ طاقتور ٿيندا ته هر ڪو توهان سان گڏ بيهندو . بئريسٽر صلاح الدين مشهور ڪارونجهر ڪيس ۾ سنڌ جي موقف جي خلاف ٻ پ جي سنڌ سرڪار جو وڪيل هو پر , هاڻي سنڌ بار ڪائونسل جي کٽي آيل سنڌ دوستن سان گڏجڻ ڪري ۽ انهن ۽ سنڌ جي اڪثريت وڪيلن کي مان ڏيندي هن ڪارونجهر ڪيس ۾ پنهجو وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو آهي.
ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جي وري سازش تيار ڪئي پئي وڃي
حيدرآباد (پ ر) سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جي وري سازش تيار ڪئي پئي وڃي، سنڌ سرڪار جي وڪيل صلاح دين احمد وڪالت نامو واپس وٺي ڇڏيو آهي جنھن سان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جو وري شروع ڪرائڻ چاھي ٿي، اسين ائين ھرگز نه ٿيڻ ڏينداسين، سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي بيان جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي بدنيتي ظاهر ٿي وئي آهي، سنڌ حڪومت وفاقي کي سنڌ جا سمورا وسيلا کپائي ڇڏيا، ھاڻي وري ڪارونجھر جي ڪٽائي جو ڪم شروع ڪرڻ جو ڪم وري شروع پيو ٿئي، سنڌ ھاري ڪاميٽي ڪارونجھر جي ڪٽائي ڪنھن به صورت برداشت نه ڪندي پيپلزپارٽي اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدانيت تي وار پئي ڪري پر سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران ڪارونجھر جي ڪٽائي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.
ٿر بار پاران اڄ عدالتي ڪارروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان
مٺي:ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن پاران ڪارونجھر ڪٽائي وارو فيصلو آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جي مذمت ڪندي اڄ عدالتي ڪاروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آھي،ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن پاران شنوائي واري ڏينھن سنڌ حڪومت خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آھي،اڄ عدالتي ڪاروائي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آھي،بار جي صدر موھن منٺاراڻي موجب ته 26 نومبر تي اسان سي ايم ھائوس آڏو حتجاج ڪنداسين، ٿر بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ ڪنور امر چيو آھي ته ڪارونجهر سنڌ جو ثقافتي ۽ تاريخي ورثو آھي آئيني عدالت ۾ ڪيس منتقل ڪيو ويو آھي اسان حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها نظرثاني واري پٽيشن واپس ورتي وڃي . پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ اهو اعلان ڪري چڪو آھي ته اسان ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر کي ڪٽڻ نه ڏينداسين .