” صدر جي چوٽ تي تنقيد ڪندڙ طاقتور شخصيت جي استثنيٰ تي ڇو نٿا ڳالهائين؟ “

ڪراچي (رپورٽر ) ڊيموڪريٽڪ لائيرس ايسوسيئيشن طرفان 27 هين ترميم جي انصاف ۽ بنيادي حقن تي اثر جي عنوان تي هڪ سيمينار ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيو، ان موقعي تي پاڪستان ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اختر حسين تقرير ڪندي چيو ته27 هين ترميم ڪورٽ ۽ انصاف کي ڪمزور ڪرڻ ۽ فوجي سربراهه کي سڀ اختيار، کيس ۽ صدر کي قانوني عوامي حساب ڪتاب کان آجو قرار ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته 26 ۽ 27هين ترميم پاس ڪرڻ پويان پارليامينٽ ۾ ويٺل پارٽين جو وڏو هٿ آهي، وڪيل آئين جا محافظ هوندا آهن، پر اهي به هن مسئلي تي سياسي گروپن ۽ مفادن ۾ ورهائجي ويا آهن، هاڻي سپريم ڪورٽ ۽ عوامي آئيني حق يرغمال ٿي چڪا آهن، ناليواري صحافي مظهر عباس چيو ته هر مارشل لا کي آئيني قرار ڏيڻ جو ڪم به ججن ڪيو آهي ۽ اڃان تائين نظريه ضرورت کي دفن نه ڪيو ويو آهي، ثاقب نثار جهڙا مثال به موجود آهن، مشرف جي دور ۾ هر صوبي جو جج گورنر بڻجڻ لاءِ تيار هو، صدر جي استثنيٰ تي تنقيد ڪندڙ طاقتور کي ڇوٽ تي ڇو نٿا ڳالهائن؟ترميمون ڪنهن لاءِ ٿيون؟ نامور وڪيل اڳواڻ ضياء اعواڻ چيو ته 27 هين ترميم خلاف مارشل لا خلاف هلايل جدوجهد جهڙي ضرورت آهي، ان لاءِ وڪيل پنهنجو ڪردار ادا ڪن، جيڪڏهن 26 هين ترميم خلاف اثرائتي مزاحمت ڪئي وڃي ها ته 27 هين ترميم پاس نه ٿي ها، جنهن ۾ سياسي پارٽين جو ڏوهه آهي،دانشور جاويد قاضي چيو ته 78 سالن ۾ ملڪ ۾ جمهوريت ڪمزور رهي آهي، ذوالفقار ڀٽي جو پهريون دور هو جنهن ۾ اسيمبلي،جمهوري نظام مضبوط ٿي پئي سگهيو، پر هن خوامخواه آمريڪا سان ٽڪر کاڌو ۽ اسلامي بلاڪ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو، 27 هين ترميم آئين جو بگاڙ آهي،ايڊووڪيٽ صلاح الدين گنڊاپور ۽ سالم سلام انصاري ۽ ٻين چيو ته 26 ۽ 27هين  ترميم سان ملڪ جي بقا کي خطرو ٿيندو، جيڪڏهن عوام جي انصاف جا دروازا بند ٿيندا ته ان سان وڳوڙ پيدا ٿيندا، ٻن صوبن جي حالت خراب آهي ۽ باقي صوبن ۾ به اهڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون، ماضيءَ ۾ ڪورٽن جو ڪردار به سٺو نه رهيو آهي، پر ان جو مطلب 27 هين ترميم کي قبول ڪرڻ نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.