سون جي اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 7700 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 36 هزار 562 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 6 هزار 601 رپيا واڌ سان 3 لک 74 هزار 281 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 77 ڊالر واڌ سان 4 هزار 142 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.