ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي وڊ جي ليجنڊري اداڪار ڌرميندر جي وفات کانپوءِ نه رڳو ڀارت پر پاڪستان ۾ به شوبز شخصيتون ڏکويل آهن ۽ سندن انسٽاگرام ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي سورڳواسي اداڪار کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.
گذريل ڏينهن ڌرميندر 89 ورهين جي ڄمار ۾ ممبئي ۾ ديهانت ڪري ويو هو.
ڌرميندر ڊگهي عرصي کان بيمار هو، هلندڙ سال سندس اکين جو آپريشن ٿيو هو، جڏهن ته نومبر جي شروعات ۾ کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب مقامي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو.
ڇهن ڏهاڪن تي پکڙيل پنهنجي ڪيريئر دوران ڌرميندر 300 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو،سندس پهرين فلم 1960 ۾ رليز ٿي ۽ آخري فلم ”اڪيس“ هلندڙ سال ڊسمبر ۾ رليز ٿيندي.
ڌرميندر جي لاڏاڻي تي بالي ووڊ سميت پاڪستاني شوبز شخصيتون به ڏکويل آهن ۽ مرحوم اداڪار کي پنهنجي، پنهنجي انداز ۾ لفظي ڀيٽا پيش ڪري رهيون آهن.
اداڪارا ريما خان انسٽاگرام تي 2004ع ۾ ڌرميندر سان ملاقات دوران ورتل تصوير شيئر ڪندي لکيو ته” سئنما پنهنجي ڌڙڪن وڃائي ويٺي آهي، ڌرميندر جي روشني ڪڏهن جَهڪي نه ٿيندي.“
موسيقار راحت فتح علي خان اداڪار سان گڏ تصوير شيئر ڪندي چيو ته ” سندس سفر، فن ۽ لازوال شائستگي دنيا جي لکين دلين کي ڇهيو، هڪ حقيقي ليجنڊ ڪڏهن ناهي مرندو، هو پنهنجي ميراث ذريعي هميشه زنده رهندو.“
اداڪارا ماهران خان به ڌرميندر جي تصوير انسٽاگرام اسٽوري ۾ شيئر ڪندي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.
اداڪار عدنان صديقي لکيو ته ”ڌرميندر اداڪاري کي ايترو آسان بڻائي ڏيکاريو ڄڻ ته هو پيدا ئي اسڪرين لاءِ ٿيو هو، سندس نرمي، دلڪش صورت ۽ اکين جي خاص چمڪ ناياب هئي.“
ميزبان انوشي اشرف چيو ته ”ڌرميندر سندس جي والدين جي دور جو اداڪار هو، جڏهن دنيا محبت، مهرباني ۽ انسانيت کي هٿي ڏئي رهي هئي.
اين ڊي ٽي وي موويز موجب، ڌرميندر پاڪستان ۽ پاڪستاني مداحن سان تمام گهڻي محبت ڪندو هو، سندس لاڏاڻي کانپوءِ هڪ پراڻو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن پاڪستان کي پنهنجي ماسي قرار ڏنو ۽ پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ بهتري جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته ”جي ڀارت منهنجي ماءُ آهي ته پاڪستان منهنجي ماسي آهي، جيڪڏهن اِهي ٻئي مائون هڪٻئي سان ٻکين پئجي وڃن ته ٻارن لاءِ ڪيڏو سڪون هوندو، دعا ڪريو الله، ڀڳوان، واھي گرو کان ته اسان سڀ هڪ ٿي وڃون.“