ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري آهن ۽ اسان جو ڪم ڳالهائي ٿو.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي جي بيان تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته سڄي ملڪ ۾ مڪاني ادارن کي سڀ کان وڌيڪ بااختيار پيپلز پارٽي بڻايو.
هن چيو ته پنجاب جو مثال ڏنو پيو وڃي جتي اڃا تائين بلدياتي چونڊون ناهين ٿيون، ايم ڪيو ايم گهڻو شور مچائي ٿي ته لاڳاپيل نظام لاهور وارو ڪراچي ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهيون.
شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي سنڌ جو دل ۽ اسان جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪراچي ۾ هم آهنگي ۽ سماجي ترقي کي سياسي روين نقصان پهچايو، ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري آهن پر ايم ڪيو ايم انهن ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ سرگرم آهي.
سينيئر وزير وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم ڳالهائي ٿو، تعليم، صحت ۽ پاڻي واري نظام تي ايم ڪيو ايم ڌيان ڏئي ها ته اڄ اسان تي آڱريون نه کڻي ها.
ڪراچيءَ ۾ اربين رپين جا منصوبا جاري آهن، اسان جو ڪم ڳالهائي ٿو: شرجيل ميمڻ
You might also like