اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته اسلام آباد هي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻاهران ٿيل حملي جي رٿابندي افغانستان ۾ موجود ڪالعدم ٽي ٽي پي جي سربراهه نور ولي محسود ڪئي هئي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته 11 نومبر تي اسلام آباد اندر وڏي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان واقعي جا پيرا افغانستان ڏانهن وڃن ٿا، اسان جون سيڪيورٽي ايجنسيون، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پاڪ فوج مڪمل طور تي الرٽ آهن.
هن چيو ته اسلام آباد ڪورٽ ٻاهران ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي، اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ پهرين جاءِ ملي جنهن آپگهاتي بمبار نشانو بڻايو، آءِ بي ۽ سي ٽي ڊي حملي کانپوءِ فوري طور تي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو، سي ٽي ڊي ساجد الله عرف شينا، ڪامران خان، محمد ذالي ۽ شاهه منير کي گرفتار ڪيو.
سندس چوڻ هو چيو ته هينڊلر ساجد الله عرف شينا آپگهاتي بمبار ۽ جيڪٽ کڻي آيو، دهشتگردن اسلام آباد جي ڀرپاسي وارن علائقن کي نشانو بڻايو، حملي جي 48 ڪلاڪن اندر 4 ملزمان گرفتار ڪيا ويا.
هن چيو ته آپگهاتي بمبار افغانستان جو رهائشي آهي، گرفتار ڪيل دهشتگرد حملي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت شامل هئا، اها وڏي ڪاميابي آهي، جنهن سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ملندي.
وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد وڏي نقصان پهچائڻ چاهين پيا پر ان ۾ ناڪام رهيا، دهشتگرد پنهنجي ٽارگيٽ تائين نه پهچي سگهيا، حملي جي سڄي منصوبابندي افغانستان ۾ ٿي ، ساجد الله عرف شينا مُک جوبدار آهي، هو تحريڪ طالبان جو رڪن رهيو آهي.
عطا تارڙ جي پريس ڪانفرنس دوران ساجد الله عرف شينا جو اعترافي بيان پڻ ڏيکاريو ويو.
سڌ سماءُ واري وزير موجب، ساجد الله عرف شينا پاڪستان واپس اچي آپگهاتي حملي آور عثمان شنواري سان ملاقات ڪئي، عثمان شنواري ننگرهار افغانستان جو رهواسي هو، عثمان شنواري کي آپگهاتي جيڪٽ ڏني وئي، هن جِي-اليون ۾ حملو ڪيو.
هن چيو ته آگسٽ 2025ع ۾ ساجد الله شينا ۽ محمد ذالي داد الله سان ملاقات لاءِ افغانستان ويو، فتنه الخوارج جا دهشتگرد عبدالله جان عرف ابوحمزا سان پڻ شيگل ضلعي ۾ ملاقات ڪئي، شيگل کان پوءِ هو ڪابل پهتو جتي داد الله سان ملاقات ٿي، داد الله کيس راولپنڊي-اسلام آباد ۾ آپگهاتي حملي بابت نور ولي محسود کان ملندڙ هدايتون پهچايون.
سڌ سماءُ واري وزير جو چوڻ هو ته ساجد الله ۽ داد الله هڪ ايپ ذريعي رابطي ۾ هئا، دهشتگردن جو هدف راولپنڊي-اسلام آباد هو، ساجد الله عرف شينا افغانستان وڃي داد الله سان ملاقات ڪري آپگهاتي حملي جي منصوبابندي ڪئي، ساجد الله محمد ذالي ۽ ڪامران خان کي هائر ڪيو.
هن چيو ته ساجد الله 2015ع ۾ تحريڪ طالبان افغانستان ۾ شامل ٿيو، افغانستان ۾ مختلف ٽريننگ ڪئمپن ۾ تربيت حاصل ڪئي، 2023 ۾ داد الله نالي همراهه سان ملاقات ڪئي.
عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته حملي جي منصوبابندي خارجي سربراهه نور ولي محسود پنهنجي ڪمانڊر داد الله ذريعي ڪئي، داد الله هن وقت افغانستان ۾ موجود آهي، افغانستان ۾ موجود نور ولي محسود ئي حملي جي منصوبابندي ڪئي هئي.
اسلام آباد ڪورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي، پلاننگ ڪنهن ۽ ڪٿي ڪئي؟ تفصيل سامهون اچي ويا
You might also like