بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، 22 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بنو ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪندي 22 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آپريشن فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو، سيڪيورٽي فورسز اٽرائتي نموني دهشتگردن جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ ڀارتي اسپانسرڊ خارجين جي ڳولا لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رهنديون، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دشمن نيٽ ورڪس جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پرڏيهي سرپرستي ۽ پٺڀرائي سان هلندڙ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو بنيادي هدف آهي.

قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف بنو ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته 22 دهشتگردن جو مارجڻ سيڪيورٽي فورسز وڏي ڪاميابي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته سڄي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.