ننڍي چونڊ ۾ به ڌانڌلي،عوام سياست کان لاتعلق ٿيڻ لڳو

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)تجزئي نگار ريما عمر چيوآهي ته سياسي جماعتن مقبوليت بدران قبوليت جي پاليسي اختيار ڪري ورتي آهي،پي ٽي آءِ کي چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي ها،اليڪشن ڪميشن جيڪي فارم 47 ڪيا آهن اهي درست ناهن،انهن تي ڪاٽو لڳايا ويا آهن،هن چيو ته حڪومت جا قدم به واضح ڪري رهيا آهن ته ڌانڌلي لڪائن لاءِ هر هٿڪنڊو استعمال ڪيو پيو وڃي،سينئر صحافي سهيل وڙائچ چيو ته پي ٽي آءِ کي تبديلي جي ڪا به اميد ناهي،سياست ۽ جمهوريت جو اسپيس گهٽ ٿي ويو آهي،ڪٿي ائين نه ٿئي ته ماڻهو سياست کان ئي لاتعلق ٿي وڃن،پي ٽي آءِ دور ۾ ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ هارائي رهي هئي،سينئر صحافي اعزاز سيد چيو آهي  ته عملي طور تي 8 فيبروري جي اليڪشن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مسلم ليگ ن بطور جماعت ۽ ان جي سياست وينٽي ليٽر تي آهي،گرائونڊ تي وڃي ڏسو ته صورتحال سٺي ناهي،اينڪر ارشاد ڀٽي چيو ته پي ٽي آءِ جلسا جلوس نٿي ڪري سگهي،قانون سازين کانپوءِ پي ٽي آءِ لاءِ اسپيس ڪٿي ناهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.