اسلام آباد (بيورو) اطلاعات واري وزارت جي سينئر آفيسر اشفاق احمد خليل کي وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات مقرر ڪيو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کان پوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. اشفاق احمد خليل اڳ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات هو ۽ مختلف اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي، جن ۾ ڊي جي پي آءِ ڊي پشاور ۽ جاپان ۾ پريس ڪائونسلر شامل آهن. وزيراعظم وزارت جي آفيسرن، طارق خان، ارشد منير، عمرانا وزير ۽ سعيد احمد شيخ سان انٽرويو ڪيا ۽ اشفاق احمد خليل کي عهدي لاءِ چونڊيو. اطلاعات واري وزارت موجب، نئين مقرري انتظامي ۽ پاليسي معاملن ۾ تسلسل برقرار رکندي ۽ حڪومتي هم آهنگي وڌيڪ اثرائتي ٿيندي.