ڪراچي ۾ رستن جي تعمير لاءِ 25 ارب رپيا منظور، شهر جو نقشو بدلجي ويندو: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي شهر  جي 315 اندرين روڊن ۽ گھٽين ۽ 60 وڏين شاهراهن جي ٻيهر تعمير لاءِ 25 ارب رپيا منظور ڪري ڇڏيا آهن۔ اهو فيصلو سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس م ڪيو ويو، جنهن ۾ وزير بلديات سيد ناصر شاهه، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو خالد حيدر شاهه ۽ ٻين اهم عملدارن شرڪت ڪئي۔ وڏي وزير شهر ۾ تازي برساتن سبب ٿيندڙ وڏي پيماني تي نقصان جو اعتراف ڪندي چٽو چيو مون کي ڪم نظر اچڻ گهرجي. هن چيو ته ڪراچي جا روڊ خراب حالت ۾ آهن جڏهن ته جاري ميگا پروجيڪٽس به ٽريفڪ جي مسئلن ۾ اضافو ڪري رهيا آهن تنهنڪري ترقياتي ڪم ۾ تيزي ضروري آهي ته جيئن عوام وڌيڪ پريشاني برداشت نه ڪري. وڏي وزير ميئر کي واضع هدايت ڪئي ته دير ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، فنڊ مسئلو ناهن؛ مون کي ڪم جنگي بنيادن تي ڪرڻو آهي. ڪراچي جي  ميئر مرتضىٰ وهاب وڏي وزير کي روڊن جي نقصان ۽ بحالي واري منصوبي بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو۔ ميئر ٻڌايو ته شهر جون 315 گهٽيون خراب آهن ۽ جلد مرمت جي ضرورت آهي، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر جون 60 وڏيون شاهراهون ٻيهر تعمير ٿيڻيون آهن جن تي لڳ ڀڳ 25 ارب رپيا خرچ ايندو. وڏي وزير واضح هدايت ڪئي جن گھٽين جي تعمير ٿئي ٿي انهن جو نيڪال سسٽم مڪمل طور ٺهي. هن وڌيڪ چيو ته 60 شاهراهن تي ڊرينج سسٽم روڊن سان گڏ ساڳئي وقت تعمير ڪيو وڃي جيئن ٻيهر نقصان کان بچي سگهجي. حڪومت جو تيز رفتار انفراسٽرڪچر پروگرام اهو ثابت ڪري ٿو ته موجوده ترقياتي چڪر جي آخر تائين شهر جو نقشو مڪمل طور تبديل ڪيو ويندو. مڪاني ادارن جي وزير سيد ناصر شاهه وڏي وزير کي ڪورنگي ڪاز وي پل ۽ شاهراههِ ڀٽو ايڪسپريس وي سميت اهم منصوبن جي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو جيڪي مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪا آهن۔ ڪورنگي ڪازوي پل نئون اسٽرڪچر پراڻي ڪاز وي جي جاءِ وٺي رهيو آهي جيڪو برساتن ۾ ٻڏي ويندو ناصر شاهه موجب منصوبو 80 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪو آهي۔ ڊسمبر 2025 يا جنوري 2026 ۾ مڪمل طور کلي ويندو۔ وڏي وزير چيو ته هي پل ڪورنگي لاءِ مستقل، برساتن جي خطري کان محفوظ رابطو فراهم ڪندو۔ شاهراهه ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي جي مڪمل پيش رفت 82 سيڪڙو آهي جڏهن ته مجموعي ڪم 78 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي۔ سيڪشن I (قيوم آباد کان قائد آباد): هي حصو مڪمل ڪري ٽريفڪ لاءِ کولي ڏنو ويو آهي۔ شاهه فيصل انٽرچينج پڻ فعال آهي۔ سيڪشن II (قائد آباد کان ڪاٺوڙ): هي حصو 65 سيڪڙو مڪمل آهي. ملير ندي مٿان هي 4 ڪلوميٽر بلند اسٽرڪچر، مقامي ڳوٺن جي تحفظ لاءِ تعمير ٿي رهيو آهي ۽ 48 کان 50 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي۔. پورٽ قاسم کان ايم-9) تي 22 ڪلوميٽر ڊگهو لنڪ روڊ ڪارگو ٽريفڪ لاءِ اهم آهي ۽ 2025 جي آخر تائين مڪمل طور کلي وڃڻ جي اميد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.