پنجاب ۾ ننڍي چونڊ کانپوءِ پ پ جي اهميت گهٽجي وئي، صدر به سياسي طور ڪمزور؟

لاهور (امداد سومرو) ضمني چونڊن کانپوءِ ن ليگ کي قومي اسيمبلي ۾ 169 ووٽن جي مڪمل سادي اڪثريت ملي وئي آهي، جنهن بعد بجيٽ لاءِ هاڻي پيپلز پارٽي جي ضرورت نه رهندي. پيپلزپارٽي جي مخالفت سبب روڪيل نجڪاري ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ رکيل فنڊن جو عمل پڻ تبديل ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته اڳتي هلي پيپلز پارٽي کي اهم مشاورتي عمل مان به ٻاهر رکڻ جا امڪان آهن.  رپورٽن موجب سنڌ حڪومت به دٻاءَ هيٺ اچي سگهي ٿي، ڇو ته اين ايف سي، 18هين ترميم ۽ پاڻي جي ورهاست تي پيپلز پارٽي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار نه هئي. آصف زرداري بابت به اهو تاثر وڌي رهيو آهي ته کيس سياسي بار سمجھيو پيو وڃي. صدر جي عهدي بابت به خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن، پر 2 ڀاڱي ٽي اڪثريت کانسواءِ صدر کي هٽائڻ ممڪن نه آهي، تنهنڪري عهدي تي اهي في الحال برقرار رهندا، البت سندن سياسي اثر گهٽجي سگهي ٿو. آئيني طور صدر جا اختيار محدود آهن ۽ اڪثر فيصلا پاڻمرادو نافذ ٿي ويندا آهن، تنهنڪري سندن ڪردار وڌيڪ علامتي رهجي ويندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 25 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.