معاشي ترقي جون سکڻيون دعوائون،ٽيڪسن مٿان ٽيڪس، عوام بدحال

دبئي(ڪامران خان)افسوس سان چوڻ ٿو پوي ته پاڪستان جي معيشت ڪڏهن ڪڏهن هڪ تماشو لڳندي آهي. ملڪ جي اقتصادي ترقي يعني جي ڊي پي جي وڌڻ جي رفتار لڳ ڀڳ بي جان يا منجمد آهي، پر ڪمال ڏسو ته ٽيڪس آمدني هر سال بجلي جي رفتار سان وڌي رهي آهي، اهو ”اقتصادي چمتڪار“ صرف پاڪستان ۾ ممڪن آهي، جتي گذريل ٽن سالن ۾ جي ڊي پي ته سراسري 1.8 سيڪڙو جي رفتار سان وڌي، پر ٽيڪس وصولي 100 سيڪڙو وڌي يعني ٻيڻي ٿي وئي.مثال طور 2022 ۾ ٽيڪس وصولي 6800 ارب رپيا هئي، جيڪا صرف ٽن سالن ۾ وڌي 13900 بلين رپيا تائين پهتي. ۽ هن سال حڪومت ٽيڪس وصولي جو ٽارگيٽ 16900 بلين رپيا رکيو آهي.هن جو راز اهو آهي ته ايف بي آر اڳ ۾ ئي ٽيڪس ڏيندڙ ريگيولر بزنسز، صنعتن ۽ خاص طور تي پگهاردار طبقن کي شديد دٻايو آهي. اڳ ئي ٽيڪسن ۾ ٻڏل عوام مان وڌيڪ ٽيڪس نچوڙي ٽن سالن ۾ وصولي ٻيڻي ڪئي وئي آهي.يعني معاشي ترقي ته هيٺ وڃي رهي آهي، پر ٽيڪس آسمان تي پهچي ويو آهي. جڏهن ٽيڪس وصولي ساليانو30 کان 35 سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي ۽ جي ڊي پي وڌڻ جي رفتار 3 سيڪڙو کان به گهٽ آهي،ڪڏهن ته 1.5 سيڪڙو تائين ٻڌائي وڃي ٿي،جڏهن ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙو معاشي ماڊل ٺهي ويو آهي جيڪو معيشت کي وڌائڻ بدران ٽيڪس ڏيندڙ طبقي مان وڌ کان وڌ پيسا نچوڙڻ تي ٻڌل آهي. 2008 کان پوءِ جي سڀني آءِ ايم ايف پروگرامن جو فوڪس به ساڳيو رهيو آهي:صرف ٽيڪس، ٽيڪس، ۽ وڌيڪ ٽيڪس۔ان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪا گنجائش ئي ناهي، نه برآمد وڌائڻ لاءِ ڪو پلان، نه بزنس ماحول بهتر ڪرڻ لاءِ ڪو قدم.اڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنيس ڊولپمينٽ ٿنڪ ٽئنڪ جي رپورٽ مطابق گذريل ٽن سالن ۾ ڪاروبار تي ٽيڪس 2200 ارب رپين مان 5300 ارب رپيا(131 سيڪڙو واڌ)پگهاردار طبقي تي 188 ارب رپين مان575 ارب رپيا (206 سيڪڙو واڌ) ٿي ويو آهي،ٻئي پاسي 400 ارب ڊالر جي ”غيردستاويزي معيشت“آزاداڻي نموني وڌي رهي آهي،پيٽروليم ليوي 760 سيڪڙو وڌي،جي ايس ٽي،ڪسٽمز ۽ ايڪسائز ڊيوٽي مهانگائي کي تباهي جي حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي،اها ترقي نه عام ماڻهو لاءِ ”ڳلو دٻايو“معيشت آهي جنهن سيڙپڪاري،روزگار ۽ اعتماد سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي،اهو صاف ڏيکاري ٿو ته حڪومت لاءِ اقتصادي ترقي نه،صرف وڌيڪ ٽيڪس نچوڙڻ اصل ترجيح آهي۔ايف بي آر نوان ماڻهو سسٽم ۾ آڻڻ بجاءِ، اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ماڻهن کي وڌيڪ نچوڙي رهي آهي،ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو هر پروگرام ٽيڪس تي ٻڌل هوندو آهي،ان ۾ سيڙپڪاري جي ڪا به گنجائش ناهي هوندي،اسان جو نظام برآمد وڌائڻ،معيشت ۾ سڌاري،سيڙپڪاري ۾ واڌ لاءِ ناهي،ان جو مک ذميوار اسان جي ٽيڪس پاليسي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 25 نومبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.