لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ بيانيي نه پر ڪارڪردگي تي ضمني چونڊون کٽيون، اڄ نه فيض حميد آهي ۽ نه اهي جج، جيڪي پي ٽي آءِ کي کٽرائيندا هئا.
صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽري جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هي چونڊون نه ريفرنڊم هو، ن ليگ 2024 جي اليڪشن ۾ هارايل پنهنجون سيٽون ٻيهر کٽيون، ن ليگ کي تاريخي ڪاميابي ملي.
هن چيو ته بيانيي وارن کي ڪم ڪرڻ ناهي ايندو، رڳو نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ ايندو آهي، پي ٽي آءِ قيدي نمبر 804 جي نالي تي چونڊ وڙهي پر ان کي شڪست ملي.
سندس چوڻ هو ته 2018 ۾ ملڪ کي ڊي ريل ڪيو ويو، اڄ نه فيض حميد آهي ۽ نه اهي جج، جيڪي پي ٽي آءِ کي اليڪشن کٽرائيندا هئا، فيض حميد جي سموري طاقت پي ٽي آءِ سان گڏ هئي.
Next Post
You might also like