پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري ( ايف سي ) هيڊڪوارٽر تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻايو ويو، 3 آپگهاتي بمبار مارجي ويا جڏهن ته ٽن ايف سي اهلڪارن شهادت ماڻي
سي سي پي او پشاور ڊاڪٽر ميان سعيد ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته حملو صبح 8 لڳي 10 منٽن تي ٿيو، حملي کانپوءِ سنهري مسجد روڊ کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو ۽ ٽريفڪ کي صدر روڊ ڏانهن موڙيو ويو.
سي سي پي او پشاور چيو ته 3 آپگهاتي بمبارن فيڊرل ڪانسٽيبلري تي حملو ڪيو، هڪ حملي آور مُک گيٽ تي پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻن آپگهاتي بمبارن ايف سي هيڊڪوارٽر جي اندر داخل ٿيا.
سي سي پي او موجب، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي اهلڪارن ٻنهي حملي آورن تي فائرنگ ڪئي، ٽئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا، ايف سي جي جوانن بهادري سان حملو ناڪام بڻايو.
ڊپٽي ڪمانڊنٽ جاويد اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حملي ۾ ٽئي آپگهاتي بمبار مارجي ويا آهن، فيڊرل ڪانسٽيبلري جي جوانن دليريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، حملي ۾ ايف سي جا ٽي اهلڪار شهيد ٿيا.
اسپتال ذريعن موجب، حملي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي ليڊي ريڊنگ اسپتال نيو ويو، زخمين ۾ 3 ايف سي اهلڪار ۽ 6 شهري پڻ شامل آهن، سمورن زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي ۽ سندن تسلي بخش آهي.
ايف سي هيڊڪوارٽر حملي جو هڪ زخمي خيبر ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڌماڪي کانپوءِ خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي ۽ اسٽاف کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ڊپٽي ڪمانڊنٽ فيڊرل ڪانسٽيبلري جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.
بي آر ٽي سروس عارضي طور معطل
ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي بعد ٽرانس پشاور سيڪيورٽي خدشن سبب بي آر ٽي سروس عارضي طور معطل ڪري ڇڏي آهي.
بي آر ٽي جي مرڪزي ڪوريڊور تي بسن جي سروس معطل ڪئي وئي، جڏهن ته فيڊر روٽن تي بسون معمول موجب هلي رهيون آهن.
وزيراعظم شهباز شريف پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن مذمت ڪندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي وقتائتي ڪارروائي سبب وڏو نقصان ٿيڻ کان بچي وياسين.
وزيراعظم زخمين کي ترت طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
هن چيو ته پاڪستان جي سالميت تي حملو ڪندڙ دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.