لنڊن/اسلام آباد(رضا رومي)ناليواري معاشي ماهر ڊاڪٽر نديم الحق چيو آهي ته 28هين ترميم ۾ پ پ رڳو پنهنجو اگهه وڌائي رهي آهي،آزاد ڪشمير جي وزارت اعظميٰ ته هنن کي رات پيٽ ۾ ئي ملي وئي آهي،هن چيو ته ايوب خان جي زماني ۾ ون يونٽ هو،اسان جدوجهد ڪئي جنهن بعد شهيد ڀٽي چار وفاقي اڪايون بنايون،هن وقت ملڪ کي ٻيهر ايوب خان جي دور جهڙي ون يونٽ ڏانهن موٽايو پيو وڃي، ڊويزنن کي صوبو قرار ڏيڻ جو مطالبو ٿي رهيو آهي،هن چيو ته نوان صوبا ٺهڻ سان خرچ وڌي ويندا،لوڪل گورنمينٽ پوءِ ڇا ڪندي؟ڇا اها 32 صوبن جي ماتحتي ۾ ڪم ڪندي؟هن چيو ته اسان جي آبادي جي اڪثريت شهرن ۾ رهي ٿي ان ڪري اسان کي شهري حڪومت ڏانهن وڌڻ گهرجي،جڏهن توهان صوبن ڏانهن ويندا ته پوءِ توهان شهري حڪومتن کان فراريت اختيار ڪندا،هن چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ سان هر صوبي ۾ شريف يا ڀٽو گورنر بڻجي ويندو،ان سان ته اسان کي ڪو فائدو نه ٿيندو،هن چيو ته ڪمپنيون رڳو ڪراچي ۾ ڇو آهن؟اهي سکر يا ٽنڊي آدم ۾ به پنهنجا سب هيڊڪوارٽر ڇو نٿيون قائم ڪن؟ترقي ائين ناهي ٿيندي ته سڀ هڪ جاءِ تي اچي ويهي رهن،سمورن شهرن کي ترقي ڏيڻي پوندي،هن چيو ته نوان صوبا ٺاهي،نوڪريون ورهائي،پي ايس ڊي پي ورهائي ترقي ناهي ٿيندي،پراڻي نظام کان هٽڻو پوندو