مٺي(رپورٽ:غازي بجير )قومي عوامي تحريڪ ننگرپارڪر شھر ۾ 27 هين ترميم خلاف، سنڌ جي وسيلن ۽ وحدت جي حفاظت لاءِ نامياري قانوندان، دانشور قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن ڪارونجھر گيسٽ ھائوس کان پيادل مارچ ڪيو، جيڪو شھر جي پي آئي اي پارڪ وٽ پھتو، جتي جلسه عام ڪيو ويو. جلسي عام کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته وڏيرن ۽ سردارن هميشه عوامي حق ۽ وسيلا وڪڻي اقتدار خريد ڪيو آھي. وزير ڪميشن وٺڻ ۽ مال ٺاھڻ جون مشينون بڻجي ويا آھن. ٿر، ٺٽو، سجاول، بدين، ڄامشورو ۽ عمرڪوٽ ۾ پيئڻ جو پاڻي ناھي. محنت ڪش ماڻھو عذاب ۾ آھن. بجلي، پئٽرول ۽ گيس جون قيمتون گھٽايون وڃن. پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم گڏجي ڪراچي ۽ حيدرآباد کي برباد ڪيو آھي،هن چيو ته ڪارونجھر جون چوٽيون سنڌ جي پنج ھزار سالا قديم تھذيب جو سرمايو آھن. وسيلا، زمينون ۽ قومي ورثي جي نيلامي جي مذمت ڪريون ٿا. آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي نشانو بڻايو ويو ته مزاحمت ڪنداسين. سنڌ جي وحدت خلاف ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش برداشت نه ڪنداسين. ٿرپارڪر ۽ ٻين ضلعن ۾ صنعتي زون ٺاھيا وڃن. ٿرپارڪر کي يونيورسٽي ڏني وڃي. ٿر جي ٻارن لاءِ ٻهراڙي جا اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪئي وڃي،هن چيو ته سمورن غير قانوني پرڏيهين کي سندن ملڪن ڏانھن واپس موڪليو وڃي. پاڪستان ترقي تڏھن ڪندو جڏھن دھشتگردي، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جو خاتمو ايندو. سردارن ۽ وڏيرن ڇوڪرين کي تعليم ۽ روزگار جا دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن. ٿر ۾ بيروزگار ۽ مايوس نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن. هن چيو ته زرعي منصوبن جي نالي ۾ سنڌ جي زمين ۽ پاڻي تي قبضو بند ڪيو وڃي. سنڌ کي ريگستان بنائڻ ملڪ ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين سان دشمني ھوندي. سنڌ جا ماڻھو علم، امن ۽ ترقي چاھين ٿا، انھن تي ٻيھر نئون تجربو نه ڪيو وڃي. ڇا سنڌ کي ڪرپشن، بيروزگاري ۽ لاقانونيت جي لاءِ فري زون بنايو ويو آھي؟ملڪ رواداري، برابري ۽ انصاف سان ھلايو. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو تخت گاھ آهي سنڌين جي ڳچي ۾ پوڻ جي ڪوشش نه ڪريو. هن چيو ته ته ايم ڪيو ايم پنهنجي سر ڪا به ڳالهه نه ڪندي آهي ايم ڪيو ايم کي جيڪو اسڪرپٽ ملندو آهي، ان کي چيو ويندو آهي ته ھي اشو کڻو. ايم ڪيو ايم اهو اشو کڻندي آهي پاڪستان ۾ سڀ کان فرمانبردار ترين پارٽي اٿو اھا ايم ڪيو ايم آهي ھنن کي پني تي داستان لکي ملبو آهي ته اھو پڙهي ٻڌائيندا آهن هن چيو ته سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته وطن، قوم، وسيلا، وحدت وڌيڪ اھم آھي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. اسسٽنٽ ڪمشنرن کي اختيار ڏيڻ جو مطلب مارشل لا نافذ ڪري عوام کي خاموش ڪيو وڃي. ججز کي ڪنھن به وقت بدلي ڪرڻ جو مقصد انصاف جي رستا روڪ آھي. اظھار جي آزادي، عوام جي آواز کي بند ڪرڻ جا ڪارا قانون جوڙيا پيا وڃن. سنڌ جا وسيلا لٽي غربت، بيروزگاري، جھالت، انتھاپسندي ۽ ڪارا قانون مسلط ڪيا پيا وڃن. ذات پرستي، ڌاڙيل ڪلچر، انتھاپسندي، قبلائيت سرداري ۽ جاگيرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور آھن. حڪومت کي سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ ڪونه ڏينداسين. ڪامريد ڪرڙ ريٻاري چيو ته بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. زاهد گل اوٺو خطاب ڪندي چيو ته پنج ھزار سال پراڻي تھذيب رکندڙ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي، سنڌ سنڌين جو وطن آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو ته ٿرپارڪر وٽ دنيا جو 6ھون نمبر وڏو ڪوئلي جو ذخيرو آھي پر ٿرپارڪر کي ان جي ڪمائي کان محروم ڪيو ويو آھي. عورتن سان غلامن جھڙي حالت آھي. ماڻھو پيئڻ جي پاڻي سميت بنيادي انساني حقن کان محروم آھن. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ فضا ملاح خطاب ڪندي چيو ته کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪيون وڃن. جلال بجير چيو ته سنڌ ۾ زراعت، صنعت، تعليم ۽ گورننس تباھ ٿي چڪا آهن.