فرانسيسي ڪمانڊر ڪيپٽن يوڪ لوني تصديق ڪئي آهي ته مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ فضائي جهڙپ ۾ ڀارتي رافيل جهاز مشين جي خرابي سبب نه پر پائلٽس جي صلاحيت ۾ کوٽ سبب تباهه ٿيا.
ڪيپٽن لوني جيڪو گذريل 25 سالن کان رافيل جهاز اڏائي رهيو آهي ۽ وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ ۾ اهم مشنز انجام ڏئي چڪو آهي، چيو ته پاڪستاني فضائيا پنهنجي مضبوط دفاع ۽ اثرائتي حڪمت عملي سبب صورتحال کي بهترين انداز ۾ سنڀاليو، مئي جي رات ۾ ويڙهه ۾ شامل 140 کان وڌيڪ ويڙهاڪ جهازن باوجود پاڪستان ڀارت جي ڀيٽ ۾ گهڻي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.
هن واضح ڪيو ته رافيل جي ريڊار سسٽم يا ٽيڪنيڪي صلاحيتن ۾ ڪا کوٽ نه هئي پر سڀ ڪجهه ان جي استعمال جي طريقي ڪار تي هو، حقيقي ڪاميابي پاڪستان جي فضائي قوت ۽ حڪمت عملي جي آهي.
ڪيپٽن لوني عالمي سطح تي پاڪستاني فضائي صلاحيتن جي تعريف ڪندي چيو ته اها جنگ هڪ ناياب موقعو هئي، جنهن ۾ پائلٽس، ويڙهاڪ جهازن ۽ ايئر ٽو ايئر ميزائلن جي حقيقي جنگي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، ان جنگي تجزيي سان مستقبل جي ملٽري اسٽريٽجي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم سبق حاصل ٿي سگهن ٿا.
”خرابي رافيل جهازن ۾ نه پر اڏائيندڙ پائلٽس ۾ هئي“ فرانسيسي ڪمانڊر ڀارت جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو
You might also like