گهر جي ڇِت ڪرڻ سبب ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) نوشهرا جي تعلقي پبي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارن سميت 5 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
واقعو پبي جي علائقي ڊاگي جديد ۾ پيش آيو، جتي گهر جي هڪ ڪمري جي ڇت اوچتو ڪِري پئي، جنهن ۾ 8 ڄڻا دٻجي ويا.
ريسڪيو اختيارين موجب 5 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال نيو ويو آهي.
فوتين ۾ 30 ورهين جو رضوان، 9 ورهين جي وليدا، 6 ورهين جو ايان، 5 ورهين جي حفصه ۽ 4 ورهين جي دعا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.