اي چالان صرف ڪراچي لاءِ آهي، ڏنڊ گهٽ نه ٿيندو: ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي بلديات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اي چالان صرف ڪراچي جي ماڻهن لاءِ آهي ۽ ڏنڊ گهٽ نه ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سنڌ سالڊ  ويسٽ بورڊ جي ميٽنگ ٿي آهي ۽ سنڌ ۾ ڊويزنل بورڊ کي فعال ڪيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ هر هنڌ ان کي بهتر بڻايو ويندو ۽ گهرن کان ڪچرو گڏ ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم اهڙا بيان ڏئي پاڻ کي مضبوط ڪري رهي آهي ۽ هن ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي سان رابطو ڪيو آهي، جيڪي صرف شوشا ڇڏيندا رهيا آهن، ايم ڪيو ايم اڳ ۾ نئين صوبي جو به شوشو ڇڏيو هو، پر جيڪڏهن گرمي هجي ها ته اسان انهن کي ٿڌو شربت پياري ڪري ڇڏيون ها، انهن کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ڏيون ٿا، اي چالان صرف ڪراچي وارن لاءِ آهي ۽ ڏنڊ گهٽ نه ڪيا ويندا ۽ ڪراچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.