پرٿ جي پِچ بيٽرن لاءِ قبرستان ثابت، پهرئين ڏينهن 19 وڪيٽون ڪِري پيون

پرٿ (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ تاريخي ايشز سيريز جي شروعات اڄ کان پرٿ ۾ ٿي وئي ۽ پهريون ڏينهن بالرن جي نالي رهيو، جنهن ۾ مجموعي طور تي 19 وڪيٽون ڪِريون، جيڪو ڪنهن به ايشز ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ڪرندڙ وڪيٽن جو سڀ کان وڏو انگ آهي.
پرٿ ۾ انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پيٽ ڪمنز ۽ جوش هيزل ووڊ جي غير موجودگي ۾ مچل اسٽارڪ اڪيلي سر ئي انگلش بيٽنگ لائن تي حاوي رهيو.
انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 172 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هيري بروڪ 52، اولي پوپ 46، جمي سمٿ 33، ڊڪيٽ 21 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.
مچل اسٽارڪ بهترين بالنگ ڪرائيندي 7 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڊيبوٽنٽ برينڊن ڊوگٽ 2 ۽ ڪيمرون گرين هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم بيٽنگ شروع ڪئي ته ڪهاڻي مختلف نه هئي ۽ ميزبان بيٽر به هڪٻئي پويان آئوٽ ٿيندا ويا.
پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين آسٽريليا 123 رنسون ٺاهي 9 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، ايليڪس ڪيري 26، ڪيمرون گرين 24، ٽريوس هيڊ 21 رنسن سان اڳڀرا رهيا، آسٽريليا کي انگلينڊ جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 49 رنسن جي ضرورت آهي.
انگلينڊ طرفان ڪپتان بين اسٽوڪس 5 شڪار ڪيا، جڏهن ته بريڊن ڪارس ۽ جوفرا آرچر 2-2 وڪيٽون ورتيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.