بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ امن ڪميٽي جي آفيس تي دهشتگردن جي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب بنون جي علائقي هويد ۾ دهشتگردن امن ڪميٽي جي آفيس تي فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس ٻڌايو ته دهشتگردن رات جي اونداهي ۾ حملو ڪيو، جنهن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.