ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ شادي جي موقعي تي پيش آيل واقعي نه رڳو ڄاڃين پر سڄي علائقي کي حيران ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اتر پرديش رياست ۾ سنيل ڪمار نالي نوجوان ڄاڃين کي وٺي پنهنجي ڪنوار کي وٺڻ لاءِ ساهرين پهتو هو.
بالي ووڊ جي رومانوي گانن تي ڪنوار گهوٽ سان گڏجي اسٽيج تي رقص به ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي شادي جي رسمون به ادا ڪيون.
شادي جي رسمن، جُهمرين ۽ تفريح ۾ رات گذري وئي، صبح جو جڏهن رخصتي جون تياريون ٿيڻ لڳيون ته ڪنوار هئي ئي ڪون.
ڪنواريتن سڄو گهر ڏٺو، پاڙي ۾ ڳولا ڪئي، علائقي ۾ نڪتا پر ڪنوار جو ڪو پتو نه پيو، گهوٽ مايوس ٿي ڄاڃين سان گڏ پنهنجي گهر موٽي ويو.
گهوٽيتن الزام هنيو ته ڇوڪريءَ جا ڪنهن ٻئي سان لاڳاپا هئا ۽ هوءَ ان سان ڀڄي وئي آهي.
ڪنواريتن ان الزام کي رد ڪندي پوليس وٽ شڪايت به داخل ڪرائي پر ڪنوار جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو.
You might also like