سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر چُلبل پانڊي بڻجڻ لاءِ تيار، ”دبنگ 4“ جو اعلان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي مقبول ڪردار چلبل پانڊي جي روپ ۾ نظر اچي سگهي ٿو، ڇو ته فلمساز ارباز خان باضابطا تصديق ڪئي آهي ته ”دبنگ 4“ تي ڪم جاري آهي.
هڪ انٽرويو ۾ ارباز خان ٻڌايو ته دبنگ فرنچائز جي چوٿين حصي جي تياري ڪئي پئي وڃي پر هن ان جي رليز جي حوالي سان ڪا حتمي ٽائم لائن طئي ناهي ڪئي وئي.
هن چيو ته اسان ان پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ تڪڙ نه ڪنداسين، جڏهن به ٺهندو، ڏسندڙن لاءِ خاص هوندو.
واضح رهي ته دبنگ سيريز جي پهرين فلم 2010 ۾ رليز ٿي هئي، جنهن کانپوءِ 2012 ۾ ”دبنگ 2“ کي ارباز خان پاڻ ڊائريڪٽ ڪيو، جڏهن ته فرنچائز جي ٽين فلم ”دبنگ 3“ ڀرڀو ديوا جي هدايتڪاري ۾ 2019 ۾ پيش ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.