هوپ جو وڏو ڪارنامو، 13 انٽرنيشنل ٽيمن خلاف سينچري اسڪور ڪندڙ پهريون ڪرڪيٽر بڻجي ويو

نيپيئر (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شائي هوپ عالمي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي.
شائي هوپ نيوزيلينڊ خلاف نيپيئر ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪئي، جنهن کانپوءِ هو سڀني 11 ٽيسٽ پليئنگ نيشنز ۽ مجموعي طور تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ 13 مختلف ٽيمن خلاف سينچري اسڪور ڪندڙ دنيا جو پهريون بيٽر بڻجي ويو.
هوپ سڀني 11 فل ميمبر ٽيمن، نيدرلينڊز ۽ نيپال خلاف به سينچريون اسڪور ڪري چڪو آهي.
هن پنهنجي ئي ملڪ جي ڪرس گيل ۽ سريلنڪا جي مهيلا جئي وردني کي پوئتي ڇڏيو، جن 12 مختلف ٽيمن خلاف سينچريون اسڪور ڪيون هيون.
اها شائي هوپ جي ون ڊي فارميٽ ۾ 13هين سينچري هئي، جنهن کانپوءِ هن ليجنڊ برائن لارا جو 19 سينچرين جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.