ماهرا خان، صبا قمر سان دشمني ۽ مقابلي جي سوال تي جواب ڏئي ڇڏيو

ناليواري اداڪارا ماهرا خان، اداڪارا صبا قمر سان خاموش دشمني جي سوال تي جواب ڏئي ڇڏيو.
اداڪارا تازو پنهنجي نئين فلم ”نيلوفر“ جي مشهوري لاءِ ساٿي اداڪار فواد خان سان گڏ هڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿي.
شو دوران هڪ مداح سوال ڪيو ته توهان جي ۽ صبا قمر جي سدائين ميڊيا تي خاموش دشمني ظاهر ڪئي وئي، ان ۾ ڪيتري حقيقت آهي؟
ماهرا خان چيو ته ائين ناهي، مون کان ڪيترائي ڀيرا اهو سوال ڪيو ويو آهي ۽ منهنجو سدائين اهو ئي جواب رهيو آهي ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، ان ۾ ڪا حقيقت ناهي.
هن چيو ته صبا قمر هڪ بهترين اداڪارا آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته اهو سڄي دنيا جو مسئلو آهي ته جڏهن ٻن مضبوط ماڻهن ۽ ڪامياب عورتن کي گڏ ڏسندا آهن ته اڪثر انهن کي هڪٻئي جي خلاف بيهارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، انهن جي وچ ۾ ڄاڻي واڻي مقابلي يا دشمني جو تاثر پيدا ڪيو ويندو آهي.
سندس چوڻ هو ته مان اڃا تائين صبا قمر سان گڏ ڪم ناهي ڪيو پر ڪڏهن موقعو مليو ته ضرور ڪنديس، جيڪڏهن اسان ٻئي ڪنهن پراجيڪٽ ۾ گڏجي ڪم ڪيون ته ٿي سگهي ٿو اهو هڪ بهترين پراجيڪٽ بڻجي سامهون اچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.