ڪم ڌاڳي ڦيڻي نه محنت سان ٿيندو آهي: مريم نواز

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ڪم ڌاڳي ڦيڻي نه محنت سان ٿيندو آهي، ڪجهه ماڻهن سياست ۾ ڪيترائي سال ضايع ڪيا ڪم نه ڪيو، انهن جو نالو کڻو ته بدتميزي جو خيال ايندو آهي.
راولپنڊي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ن ليگ عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏيندي آهي، اسان سڄي ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو، منهنجي ذهن ۾ ڪو فرق ناهي، هر شهري مون لاءِ برابر آهي.
هن چيو ته جڏهن به ن ليگ جي حڪومت ايندي آهي ته ملڪ ترقي ڪندو آهي، مخالف به ن ليگ جي ڪمن جو اعتراف ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.