زال جا ڊگها وارَ پسند آهن: احسن خان

ناليواري اداڪار احسن خان تازو ئي هڪ نجي ٽي وي جي مارننگ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي زال جي گرومنگ، پسند، ناپسند ۽ صفائي جي اهميت بابت خيالن جو اظهار ڪيو.
احسن خان ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ته هو پنهنجي زال ۽ ٻارن جي ڪپڙن ۽ مجموعي شخصيت جو خاص خيال رکندو آهي، جيڪڏهن سندس زال يا ٻار گهر ۾ به بي ترتيبي سان ڪپڙا پائين ته هو فوري طور تي کين چوندو آهي ته تيار ٿي وڃن.
هن چيو ته هو چاهيندو آهي ته جيئن هو پاڻ هميشه تيار رهندو آهي، تيئن هو به سٺن ڪپڙن ۽ اسٽائيل ۾ رهن، هن بار بار سمجهايو ۽ پنهنجي زال کي گرومنگ جو عادي بڻايو آهي.
سندس چوڻ هو ته کيس پنهنجي زال جا ڊگها وار تمام گهڻا پسند آهن ۽ مخصوص رنگن جي ڪپڙن ۾ کيس وڌيڪ پسند ڪندو آهي، هو پراڻن يا بي ترتيب ڪپڙن کي برداشت نٿو ڪري سگهي ۽ هو اڪثر ناپسنديده ڪپڙا لڪائي ڇڏيندو آهي يا ڪم واريءَ کي ڏئي ڇڏيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.