سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر پاران سکر حيدر آباد موٽروي تي ڪم شروع نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، سنڌ ۾ موٽروي نه ٺهڻ افسوسناڪ عمل آهي، عدالت چيو ته اوهان سنڌ ۾ روڊ نه ٺاهيو ڀل ماڻهو مرندا رهن، فرق نٿو پوي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي جا ريمارڪس ،عدالت پاران مهراڻ هاء وي تي هيوي ٽريفڪ جي روڪٿام لاءِ عمل نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت ڊي آء جي سکر ،ڊي آء جي شهيد بينظير آباد کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت وفاقي سيڪريٽري ڪميونيڪيشن کي ايندڙ ٻڌڻي تي روبرو پيش ٿيڻ لاءِ پڻ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻئي طرف ايڊووڪيٽ همايون شيخ عدالت کي ٻڌايو ته ايندڙ جون يا جولاء تائين سکر حيدر آباد موٽروي جو ڪم شروع ڪيو ويندو، جنهن تي جسٽس ذوالفقار علي سانگي چيو ته اوهان سنڌ ۾ روڊ نٿا ٺاهيو ماڻهو ڀل مرن پرواهه ناهي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي اين ايڇ اي عملدارن کي ڇنڊ پٽي، جسٽس ذوالفقار علي سانگي رمارڪس ۾ چيو ته اين ايڇ اي چيئرمين لکت ۾ اڳ ڏئي ويو آهي ته هڪ مهيني اندر سکر حيدر آباد موٽروي ڪم شروع ڪيو ويندو پر ان تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي عدالت کي ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي چيئرمين ۽ سنڌ جو ميمبر مقرر ناهن ٿي سگهيا جنهن سبب معاملا رڪيل آهن عدالت چيو ته ان جو مطلب ته چيئرمين ۽ سنڌ ميمبر کان بغير اين ايڇ اي هلي رهي آهي، عدالت سٽي باء پاس وٽ يوٽرن ٺاهڻ ۽ سروس روڊ جو ڪم نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گاڏيون هٽائڻ ۽ حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ اين ايڇ اي عملدار، ڊي آء جي سکر ،ڊي آء جي شهيد بينظير آباد، لاڳاپيل عملدار اين اي جا وڪيل واسطيدار، اي اي جي سنڌ علي رضا بلوچ، درخواستگذار مهتاب شر، فقير اطهر ابڙو، سهيل احمد کوسو، ٻيا پيش ٿيا، ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي ڪئي ،عدالت ڪورٽ ٽائيم تي آرڊر ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي