سنڌ جو ورهاڱو ناممڪن آهي، متحده جي ڳالهه هڪ ڪَن مان ٻُڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جو ورهاڱو ڏکيو نه پر ناممڪن آهي، سنڌ ڪو ڪيڪ ناهي جو ان کي ورهايو وڃي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته صوبا ٽوڙڻ جون ڳالهيون فضول آهن، سنڌ جي ورهاست ناممڪن آهي، 27هين ترميم جي ايجنڊا ۾ بلديات جو ذڪر هيو ئي نه، بلاول ڀٽو زرداري ٽوئيٽ ۾ 27هين ترميم جا نڪتا بيان ڪيا.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم باني جا پوئلڳ ان جيان ملڪ ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندا، متحده پنهنجي مئل سياست جيئري ڪرڻ چاهي ٿي، ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته اسان جذباتي جواب ڏيون ۽ اهي سياست ڪن، اهي هر وقت اقتدار ۾ رهڻ چاهين ٿا.
سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جون ڳالهيون هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي مان ڪڍي ڇڏيو، انهن جا سمورا سياسي حربا ناڪام ٿي چڪا آهن، ايم ڪيو ايم هاڪاري سياست ڪري ته انهن جو ساٿ ڏينداسين.
شرجيل ميمڻ چيو ته اهي جن مڪاني چونڊن جو ذڪر ڪري رهيا آهن، انهن جو هنن ذميني حقيقتون ڏسي بائيڪاٽ ڪيو، انهن کي خبر هئي ته شڪست ٿيندي.
هن چيو ته آئيني عدالتن جو ذڪر ميثاق جمهوريت ۾ به هو، ڪو مقدس ڳئون ناهي، پ پ ڪا شق ڳجهه ڳوهه ۾ تسليم نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.