ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دين خاطر شوبز ڇڏيندڙ اڳوڻي اداڪارا سارا چوڌري يوٽيوب تان پنهنجا ٻه ڊراما هٽائڻ تي نجي چينل جا ٿورا مڃيا آهن.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي سارا چوڌري چيو ته مان 2003 ۾ شوبز انڊسٽري جوائن ڪئي ۽ 2010 جي شروعات ۾ ان کي الوداع ڪيو.
هن چيو ته منهنجي درخواست تي نجي چينل ٻه ڊراما يوٽيوب تان هٽائي ڇڏيا، مان ان جي ٿورائتي آهيان، اهي فيصلا مون لاءِ اهم هئا، ڇو ته مان چاهيو پئي ته اهي ڊراما آن لائن موجود نه هجن.
سندس چوڻ هو ته مون کي پنهنجي نئين مذهبي ۽ ذاتي سفر ۾ سڪون مليو، مون کي خوشي آهي ته مداحن ان فيصلي کي هاڪاري انداز ۾ ورتو ۽ منهنجي ذاتي خواهشن جو احترام ڪيو.
سارا چوڌري چيو ته الله پاڪ فرمايو آهي جڏهن ڪو انسان سچي دل سان توبهه ڪري ته ان جا پويان ڏوهه نيڪين ۾ تبديل ٿي ويندا آهن.
You might also like