ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به معاملي ۾ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته صدر زرداري ۽ بلاول ڀٽو ڪنهن معاملي تي ڳالهائڻ ئي نٿا چاهين، کين انا آهي ته ستين قومي مالياتي ڪميشن ۾ بي پناهه وسيلا ۽ طاقت ملي وئي آهي پر انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته اهي وسيلا ۽ طاقت اسان ڏياري آهي.
هن دعويٰ ڪئي ته صوبائي خود مختياري جو سڄو ڪيس ئي ايم ڪيو ايم وڙهيو ۽ 18هين ترميم ۾ به اسان جو سڀ کان وڏو ڪردار هو پر شرط اهو هو ته 140 اي جي درست تشريح ٿئي ۽ اختيار شهرن، ضلعن ۽ بلديات کي ملن پر پ پ ائين نه ڪيو ۽ 17 ورهين کان سمورن وسيلن ۽ اختيارن تي قابض آهن.
You might also like