ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ خلاف ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ کان اڳ آسٽريلوي ٽيم کي هڪ ٻيو ڌڪ لڳي ويو ۽ فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ به انجري سبب پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته مائيڪل نيسر کي پهرين ٽيسٽ لاءِ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پيٽ ڪمنز ۽ شين ايبٽ اڳ ئي انجريءَ جو شڪار ٿي پهرين ٽيسٽ کان ٻاهر ٿي ويا آهن.
آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 21 نومبر کان پرٿ ۾ شروع ٿيندي.
You might also like