لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ ٻه نيون ٽيمون شامل ڪرڻ لاءِ 6 نالا فائنل ٿي ويا، جن ۾ حيدرآباد، راولپنڊي، سيالڪوٽ، فيصل آباد، مظفر آباد ۽ گلگت شامل آهن.
نين فرنچائز جي وڪري لاءِ ٽينڊر جلد جاري ٿيندا، دلچسپي رکندڙ ماڻهو يا سيڙپڪار ڄاڻايل 6 شهرن مان ڪنهن فرنچائز جي چونڊ ڪري سگهندا.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جون 11هون ايڊيشن 8 ٽيمن سان گڏ 2026 ۾ کيڏيو ويندو.
You might also like