وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس ۽ 3 ججن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس امين الدين خان آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس جي حيثيت سان عهدي جو حلف کڻي ورتو.
صدر آصف علي زرداري، جسٽس امين الدين کان عهدي جو حلف ورتو، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، فيلڊ مارشل عاصم منير سميت پاڪ بحريا ۽ فضائيا جا سربراهه به شريڪ ٿيا.
هوڏانهن پاڪستان جي پهرين وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن به حلف کڻي ورتو، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين خان ٽنهي ججن کان حلف ورتو.
وفاقي آئيني عدالت جي ٽن ججن جي حلف برداري تقريب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلڊنگ ۾ ٿي، جنهن ۾ وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس امين الدين خان پنهنجي عدالت جي ٽن ججن جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس علي باقر نجفي کان حلف ورتو.
ان کان اڳ قانون واري وزارت وفاقي آئيني عدالت جي ججن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو.
نوٽيفڪيشن موجب وفاقي آئيني عدالت جا 6 جج هوندا، جن ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس عامر فاروق، جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس ڪي ڪي آغا، جسٽس روزي خان ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.