سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ مشهور ڪمينٽريٽر ڪمار سنگاڪارا پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ جي حق ۾ بيان ڏئي ڀارتين جا آنڊا ساڙي ڇڏيا.
پاڪستان ۾ تازي سيڪيورٽي معاملن تي ڪجهه سريلنڪن ڪرڪيٽرن طرفان دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست تي ردعمل ۾ ڪمار سنگاڪارا چيو ته ڪجهه دوستيون اهڙيون هونديون آهن جن کي نٿو ڇڏي سگهجي.
هن چيو ته مان ان ٽيم جو حصو هيس، جنهن تي لاهور ۾ حملو ٿيو پر پاڪستاني فورسز ان کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان کانپوءِ به مان ڪيترائي ڀيرا پاڪستان آيو آهيان ۽ اڳتي به ايندو رهندس، ڇو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جو مزو ئي الڳ آهي ۽ پاڪستانين جو پيار مون کي هيڏي ڇڪي ايندو آهي.
You might also like