اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 16 نومبر کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 9 رپيا 60 پيسا في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم انڊسٽري 16 نومبر کان في ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 60 پيسا واڌ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 96 پيسا لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته في ليٽر گاسليٽ جي قيمت ۾ 8 رپيا 82 پيسا واڌ، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل 7.15 رپيا في ليٽر مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
You might also like