سپريم ڪورٽ جي ججن جي استعيفيٰ تي تحريڪ انصاف جو ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر سپريم ڪورٽ جي استعيفيٰ ڏيندڙ ججن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته وڪيلن کي به انهن سان گڏ بيهڻ گهرجي.
پارليامينٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله استعيفيٰ ڏني آهي ۽ مان انهن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.
هن چيو ته جيڪي به وڪيل تنظيمون آهن، انهن کي ججن سان گڏ بيهڻ گهرجي، سڀاڻي اسان جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ اڳتي جي حڪمت عملي جو فيصلو ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ”ووٽ کي عزت ڏيو“ جا نعرا هڻندڙ نواز شريف هونئن اسيمبلي ۾ ناهي ايندو پر ڪالهه اچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.