قومي اسيمبلي آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس بابت ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۽ پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961 ۾ ترميم اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتي.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير خواجا آصف آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو، جنهن تي اسپيڪر راءِ شماري ڪرائي ۽ ايوان ان کي اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو.
خواجا آصف پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۾ ترميم ۽ پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961 ۾ ترميم جو بل به ايوان ۾ پيش ڪيو ۽ اها بل به اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيا ويا.
ايوان ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل به پيش ڪيو ويو ۽ ان جي به منظوري ورتي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.